اليڪشن کٽي سنڌ جي حقن لا ءِ به جنگ وڙهندس:عمران خان
جمعي واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان ۾ خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ڪوبه قانون نه آهي هتي ته جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ هو سنڌ جي تعليم، پوليس ۽ صحت جي کاتن کي درست ڪري ڏيکاريندو. پنهنجي صوبي جي ڳالهه ڪندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ به هن انهن سڀني ادارن ۾ سڌارا آڻي ڏيکاريا آهن. هن چيو ته جتي عوام کي انصاف نه ملي اتي سڌارا نٿا اچي سگهن. پ پ ۽ مسلم ليگ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ گذريل 30 سالن ۾ 6 دور مليا آهن، پر اهي هتان جي پوليس کي به نه سڌاري سگهيا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف اهو صرف چئن سالن ۾ ڪري ڏيکاريو آهي. نواز شريف جو نالو وٺندي هن چيو ته هاڻي ان وانگر ٻيا به چور آهن جن کان حساب وٺڻو آهي جيڪو هو حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ وٺندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟