مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمران خان پاران زبردستي مذهب مٽائڻ وارن واقعن جي تنقيد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ ۾ زبردستي مذهب مٽائڻ وارن واقعن خلاف آواز اٿاريندي چيو ته اهڙا واقعا اسلام جي اصولن خلاف آهن. هن چيو ته اسلام ڪنهن به غير مسلم جي مذهب مٽائڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. هن قائد اعظم جي ڳالهه کي ورجائيندي چيو ته “اسلام دنيا ۾ رسول الله صلي الله علي وآلهي وسلم ۽ صوفي بزرگن جي تعليمات ڪري پکڙيو آهي” اها بدنصيبي آهي ته ڪجهه بنياد پرست انتها پسند سوچ رکڻ وارا طبقا مذهب جي آڙ ۾ اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن. عمران خان چيو ته هن جي حڪومت اچڻ تي اقليت کي برابر جا حق ڏنا ويندا. هن اهو به چيو ته ملڪ ۾ ڪمزور پاڻ کي طاقتور جي سامهون بي سهارا محسوس ڪن ٿا. ان موقعي تي عمران خان پاران اتي موجود هندو خاندانن کي ڏياريءَ جون واڌايون ڏنيون ويون ۽ ڪيڪ به ڪٽيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو