مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 اغوا ۽ گم ٿيندڙ ٻارن جي بازيابي لاءِ آءِ. جي سنڌ طلب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر ۾ اغوا ۽ گم ٿيندڙ ٻارن جي بازيابي ۾ ناڪامي ءَ تي آءِ. جي کي طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ٻارن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ ٻارن جي بازيابي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ اين جي او پاران ٻڌايو ويو ته پوليس ڪيترن ئي ٻارن جي گم ٿيڻ جي ايف آءِ آر ئي نٿي درج ڪري. ٿاڻن تي ٻارن جي والدين سان بدسلوڪي ڪئي ويندي آهي. جنهن تي عدالت پاران سنڌ پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ. جي سنڌ سيد ڪليم امام کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران سنڌ پوليس جو عيوضي ڊي آءِ جي غلام سرور جمالي موجود هو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته 23 مان هڪ نينگري گهر پهچي ويئي آهي. جنهن تي عدالت ناراض ٿيندي چيو ته باقي ٻارن جو ڇا ٿيندو.  انهن جي بازيابي لاءِ اجلاس ڪڏهن ٿيندو. توهان جي ڪارڪردگي خراب ۽ سست آهي. آءِ. جي سنڌ کي چيو هو ته ڪنهن سٺي ڊي آءِ جي کي هن ڪم تي لڳايو. ٻڌڻي جي آخر ۾ عدالت پاران آءِ. جي کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ ۽ ٻارن جي بازيابي لاءِ ڪا ٽيم جوڙڻ کان علاوه ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ سڄا وسيلا ان لاءِ ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جي سماعت ٽن هفتن لاءِ ملتوي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو