مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گرين پاڪستان پروگرام جو ڪم تيز ڪيو وڃي: ناصر حسين شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي اطلاعات، بلديات، ٻيلي کاتي ۽ مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ گرين پاڪستان پروگرام جي حوالي سان سندس آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ پروگرام جي حوالي سان ڪيل اپائن جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويو، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته گرين پاڪستان پروگرام جي حوالي سان ڪم کي تيز ڪيو وڃي. ان ۾ ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن. گڏجاڻي ۾ لياري ندي جي ڪناري دنيا جي سڀ کان وڏي شهري وڻڪاري جي ڪمن جو به جائزو ورتو ويو. ناصر شاهه چيو ته شهري ماحول جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي غلطي يا غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. سمورن بلدياتي ادارن کي مڪمل سپورٽ ڪرڻ سان گڏ لڳايا ويندڙ ٻوٽا عوام کي نظر اچڻ گهرجن. واهن ۽ شاهراهن جي ڪنارن تي به وڻڪاري ڪئي وڃي

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو