مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مشين گن جهڙو آواز پيدا ڪندڙ مڇي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي سائنسدانن دنيا جو سڀ کان وڏو آواز پيدا ڪندڙ مڇي ڳولهي لڌي آهي، جيڪا اهڙو آواز ڪڍندي ڄڻ ته مشين گن مان فائرنگ ٿي رهي هجي. ميسڪسيڪو ۾ جتي دريا ڪولو راڊو، سمنڊ ۾ ڪري ٿو. ان ڊيلٽا جي ويجهو سمنڊ ۾ مڇي جي هي قسم موجود آهي، جيڪا هر سال فيبروري کان جون تائين جي مهينن ۾ هتي ايندي آهي. گلف ڪورو وينا ناهي هي مڇي سمنڊ جي ويجهو اهڙي پاڻي ۾ ايندي آهي جتان جو پاڻي گدلو هوندو آهي. هن پاڻي ۾ اچي مادي مڇي اهڙو آواز ڪڍندي آهي جنهن مان احساس ٿيندو آهي ته ڄڻ مشين گن مان گوليون هلي رهيون هجن. اهو سلسلو هر سال فيبروري کان جون تائين هلندو رهندو آهي. يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي ايڊيمنيٽ ۽ يونيورسٽي آف ڪيلوفورنيا جي ٽمو ٿي رورل هن مڇين تي ڊگهي تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ هنن ان مڇي جي آواز کي رڪارڊ ڪيو آهي جيڪو هڪ لنڪ  تي پڻ موجود آهي. توهان هتي ڪلڪ https://soundcloud.com/user-408688451/fish-swims-by ڪري ان آواز کي ٻڌي سگهو ٿا. اهو آواز هنن ڪجهه مفاصلي کان رڪارڊ ڪيو آهي، جنهن کي ٻڌي ائين لڳي رهيو آهي ته ڪجهه مفاصلي تي مشين گن جي فائرنگ ٿي رهي هجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو