مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

کنڊ اسڪينڊل جي فرانزڪ آڊٽ مڪمل، ٽيڪسن جي مد ۾ اربين رپين جي فراڊ جو انڪشاف.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل جي فرانزڪ آڊٽ مڪمل ڪري ورتي آھي، جنھن ۾ ٽيڪسن جي مد ۾ اربين رپين جي فراڊ جو انڪشاف ٿيو آھي. رپورٽ ۾ شگر مل انتظاميه جا بيان به رڪارڊ جو حصو بڻايا ويا آھن. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪنھن به اسڪينڊل جي تحقيق ۾ پھريون ڀيرو آڊٽ ڪرايو ويو، جنھن ۾ وڏا انڪشاف سامھون آيا آھن. شگر مافيا جو تعلق سمورين وڏين سياسي جماعتن سان آھي. اسٽيٽ بينڪ چٽاڀيٽي ڪميشن سميت ٻيا ادارا به ملوث آھن. تحقيق شروع ٿي ته سڀ ھڪ ٿي ويا. مل مالڪن کنڊ ٺاھڻ سان گڏ ڪمند مان ٺھندڙ ٻين شين مان به اربين رپيا ڪمايا. انھن شين جي وڪري جو رڪارڊ ئي نٿو رکيو وڃي. شگر مافيا سمورا خرچ ڪڍڻ باوجود في ڪلو تي 10 کان 15 رپيا ڪمائي ٿي ۽ ان تي ٽيڪس به نٿا ڏين. شگر مافيا آبادگارن جو استحصال ڪري ٿي. آبادگارن کي ورھين تائين اربين رپين جي ادائيگي نٿي ڪئي وڃي. فرانزڪ آڊٽ دوران شگر مل مالڪن طرفان مختلف بينڪن ۾ ٽرپل انٽريون به ڪيون ويون جيڪي ٽيڪس چوري جو سبب بڻيون. تحقيقي ڪميشن جي ڪيترن ئي آفيسرن کي سنگين نتيجن جي ڌمڪين سان گڏ ڪروڙين رپين جي آڇ به ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ عيد کان پوءِ وزير اعظم کي موڪلي ويندي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو