مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وفاقي حڪومت ملڪ ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ 9 مئي تائين وڌائي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن کانسواءِ صوبائي وڏن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لاڪ ڊائون واڌ بابت تجويز تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 9 مئي تائين ٻن هفتن جي واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته صوبائي حڪومتون صوبن ۾ صورتحال موجب فيصلو ڪنديون. اجلاس کانپوءِ پريس بريفنگ ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته صوبن به پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن، فيصلو ڪيو ويو آهي ته رمضان ۾ سحري ۽ افطار دوران لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. موجوده صورتحال ۾ 15 رمضان تائين لاڪ ڊائون برقرار رکيو ويندو. فيصلن تي عمل صوبن ذريعي ٿيندو. اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ وڌائي رهيا آهيون، عوام احتياط ڪري ته عيد تائين بهتري ايندي، جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ويو ته پابنديون لڳائڻيون پونديون

 

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو