مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تاريخ جو سڀ کان وڏو خزانو دريافت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سائنسدانن پاران خلا ۾ موجود هڪ اهڙو خزانو دريافت ڪيو ويو آهي جنهن کي جيڪڏهن حاصل ڪري دنيا جي هر انسان ۾ ورهائجي ته هر انسان جي حصي ۾ 100 کرب روپيا اچي ويندا. خبرن موجب اهو خزانو مريخ ۽ مشتري سيارن جي وچ واري هڪ سيارچي (asteroid) تي موجود آهي. آمريڪا جي خلائي اداري ناسا مطابق انهن سيارچن جي سطح تي سون، نڪل ۽ لوهه جا وڏا ذخيرا موجود آهن. هڪ اندازي مطابق انهن ذخيرن جي ماليت 700 ڪوئنٽيلين ڊالر آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هنن خزانن جي کوٽائي جي ڪم لاءِ شروعاتي پلاننگ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ 10 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ ان وقت اهڙي کوٽائي لاءِ خلا تي جهاز موڪلي سگهبا. ڊيپ اسپيس انڊسٽريز نالي هڪ ڪمپني اهڙي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي. ان ڪمپني جو هيڊڪوارٽر ناسا جي ڪيليفورنيا ۾ موجود بزنس پارڪ ۾ آهي. هن وقت اهو نٿو چئي سگهجي ته اها ڪمپني اهڙو خزانو ڪڏهن حاصل ڪري سگهندي، پر جڏهن اهڙو خزانو زمين تي اچي ويو ته ان سان معاشي طور تي وڏي ترقي اچي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو