مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڊي آءِ خان ۾ هڪ ٻئي اميدوار تي حملو، اڪرام الله گنڊاپور زخمي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڊي آءِ خان جي تعلقي ڪولاچي ۾ خودڪش بم ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جو اڪرام الله گنڊاپور زخمي ٿي پيو. حملي جي نتيجي ۾ اڪرام الله کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبرن موجب پي ٽي آءِ جو اميدوار پنهنجي چونڊ ريلي ۾ مصروف هو ته هن جي ريلي تي حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ حملي ڪرڻ واري پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. حملي کانپوءِ امدادي ٽيمن پاران حملي واري جڳهه تي پهچي امدادي ڪارروايون ڪندي زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ان کان علاوه واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي اتان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو