مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پروفيسر حسن عسڪري پنجاب جو نگران وزير اعليٰ مقرر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اليڪشن ڪميشن پروفيسر حسن عسڪري کي پنجاب جو نگران وزير اعليٰ مقرر ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پروفيسر حسن عسڪري ملڪ جي نامياري علمي شخصيت آهي ۽ هو ملڪي ۽ غير ملڪي درسگاهن ۾ تعليم سان وابستا رهيو آهي. ان کان علاوه هو مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي اهم موضوعن تي مبصر جو ڪردار ادا ڪندو رهندو آهي. ياد رهي ته نگران وزير اعليٰ جي نالي لاءِ پنجاب جي صوبائي حڪومت ۽ اپوزيشن پاران نالا ڏنا ويا هئا پر انهن نالن تي اتفاق نه ٿي سگهيو هو، جنهن ڪارڻ اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو پيو. ياد رهي ته هن کان پهرين نون ليگ طرفان ايڊمرل رٽائرڊ محمد ذڪاءُ الله ۽ جسٽس رٽائرڊ سائر علي جا نالا ۽ پي ٽي آءِ طرفان پروفيسر حسن عسڪري ۽ اياز امير جا نالا ڏنا ويا هئا، جنهن بعد ٻنهي پارٽين پاران هڪٻئي جي نالن تي اعتراض ڪرڻ بعد هي معاملو اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو