مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪي تاريخ ۾ پهرين دفعو سڀني تعليمي بورڊن جي سربراهي آغا خان بورڊ جي حوالي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو سڄي ملڪ جي تعليمي بورڊن تي ٻڌل اداري “انٽر بورڊ ڪاميٽي آف چيئرمينز” آءِ بي سي سي جي سربراهي نجي تعليمي بورڊ “آغا خان يونيورسٽي ايگزامنيشن بورڊ ڪراچي” جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ وفاقي وزارت تعليم ۽ پيشه وراڻي تربيت منسٽري آف ايڊيوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ پاران ان تقرري جو باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. انٽر بورڊ ڪاميٽي آف چيئرمينز پاڪستان جي سمورن تعليمي بورڊن جو هڪ گڏيل آفيشل فورم آهي جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ هڪ نجي اداري آغا خان يونيورسٽي ايگزامنيشن بورڊ جا ٻيا سمورا ادارا سرڪاري آهن جنهن ۾ سنڌ جي ستن تعليمي بورڊن جو هڪ گروپ، پنجاب جي تعليمي بورڊ جو هڪ گروپ، خيبر پختونخواهه جي تعليمي بورڊن جي هڪ گروپ کان علاوه بلوچستان جي هڪ تعليمي بورڊ سميت هڪ وفاقي تعليمي بورڊ ۽ ٻين بورڊن سان گڏ آغا خان يونيورسٽي تعليمي بورڊ تي ٻڌل هڪ ڌار گروپ آهي ۽ هر سال آءِ بي سي سي جي سربراهي ڪنهن هڪ صوبي جي سرڪاري تعليمي بورڊ وٽ هوندي آهي.

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو