مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا ۽ چين وچ ۾ تجارتي جنگ شروع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي جي درآمدي شين تي ٽيڪسن ۾ اربين ڊالرن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. اهڙين خبرن اچڻ کانپوءِ چين دنيا جي هڪ عالمي تجارتي جنگ ٿيڻ بابت خبردار ڪيو آهي. چين جي برآمدي شين تي نئون ٽيڪس لاڳو ٿيڻ بعد چين به آمريڪا جي درآمدي سامان تي 6 جولاءِ تي 34 ارب ڊالرن جا نوان ٽيڪس لڳائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته آمريڪا پاران اهڙي ٽيڪس جو اعلان ڪافي وقت اڳ ڪيو ويو هو ۽ اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن 6 جولاءِ تي عمل جوڳو ٿي ويو. ياد رهي ته آمريڪا جي اعلان بعد چين به اهڙو اعلان ڪيو هو ته اهو به آمريڪا مان ايندڙ شين تي ايترو ئي ٽيڪس لڳائيندو جيترو ٽيڪس آمريڪا پاران چين جي شين تي لڳايو ويندو. گذريل ڏينهن جنهن وقت چين جي درآمدي سامان تي ٽيڪس لاڳو ٿي ويو ساڳئي وقت ئي چين پاران آمريڪي سامان تي لڳايل ٽيڪس به لاڳو ٿي ويو. چين جي خابرو ادارن چيو آهي ته هيءَ جنگ آمريڪا پاران شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ڪارڻ چين کي به جوابي حملي جي لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. آمريڪا دنيا جي وڏي معيشيت آهي جنهن بعد چين جو نالو اچي ٿو. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن قسم جي جنگ سان عالمي معيشيت کي هڪ نئين بحران کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو