مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪئناڊا جي ڊاڪٽرن پاران پنهنجين پگهارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو مطالبو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪئناڊا جي 700 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن پاران نرسن جي مالي حالت بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجين پگهارن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. خبرن موجب هنن ڊاڪٽرن پاران نرسن جي پگهارن ۾ گهٽتائي کي ڏسندي هڪ آن لائين درخواست تي صحيحون ڪيون آهن. هن مهم جو آغاز هڪ نرس پاران فيس بڪ تي رکيل هڪ پوسٽ کانپوءِ جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ ڳوڙها ڳاڙيندڙ تصوير رکي جنهن پوسٽ ۾ هن لکيو ته هوءَ اڪيلي سر ستر مريضن جو خيال رکي ٿي ۽ رات جو ڪم ڪرڻ بعد هن جي جسم جا هڏا به ٿڪجي پوندا آهن. کيس ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ به نٿي اچي. هن مهم ۾ رضاڪار ڊاڪٽرن چيو آهي ته پگهارون صرف ڊاڪٽرن جون وڌايون ويون آهن جڏهن ته هنن وٽ اڳ ۾ ئي گهڻا پئسا آهن ۽ هن گذريل پگهار ۾ ڪيل واڌ جي هنن کي ضرورت نه آهي، جنهن کي واپس ورتو وڃي ۽ اهي پئسا هنن نرسن کي ڏنا وڃن. هن مهم جي هلڻ باوجود به ڪيوبڪ جو هيلٿ منسٽر پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ چيائين ته ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل طالب علمن کي پئسا نه کپن ته اهي انهن پئسن کي واپس ڪن جنهن جو هو بهتر استعمال ڪندو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو