مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تنوع (Diversity) ۽ گهڻ جهتي (Pluralism) کي ڪئناڊا ۾ سڀ کان وڏو مان حاصل آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪالهه ڪراچي يونيورسٽي طرفان ٽن ڏينهن جي بين الاقوامي ڪانفرنس سان ڳالهائيندي ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر پيري جان ڪالڊر ووڊ چيو ته تنوع (Diversity) کي ڪئناڊا ۾ هڪ وڏو مقام حاصل آهي ۽ جيڪو ملڪ (Diversity) کي قائم نٿو رکي اهو ملڪ ترقي ڪرڻ کان به رهجي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ملڪ (Diversity) جي دولت سان مالا مال آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٻه ٻوليون آهن ۽ ملڪ جي آبادي ڪيترن ئي قوميتن ۽ مذهبن جي ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ 200 ملڪ آهن انهن مان ڪيترن وٽ عورت ليڊر موجود آهن، آمريڪا ۽ چائنا جهڙن طاقتور ملڪن ۾ به عورتون سياسي خاندانن مان ئي اڀري اچن ٿيون. ڪئناڊا 2015 ۾ پنهنجي ڪيبنيٽ کي بيلنسڊ جينڊر ڪيبينيٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن ٻڌايو ته ڪئناڊا جي وزيراعظم چيو آهي ته هڪ ڪينيڊين هڪ ڪينيڊين آهي پوءِ ڀلي هو اتي هڪ پيڙهي کان رهندڙ هجي يا گهڻين پيڙهين کان رهندڙ هجي. هن اهو به ٻڌايو ته ڪئناڊا جي شهريت ڏيڻ جو وزير هڪ صومالي مهاجر آهي ۽ هڪڙو وزير ته نابين به آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو