مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ديا مير ڀاشا ڊيم کي CPEC ۾ شامل ڪرڻ تان هٿ کڻي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ديا مير ڀاشا ڊيم کي CPEC ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي. واپڊا جي چيئرمين ٻڌايو ته چين هن درخواست جي جواب ۾ پاڪستان آڏو ڪجهه سخت شرطون رکيون هيون. جنهن ۾  چين ڀاشا ڊيم جي مالڪي به گهري هئي.  اڪائونٽس ڪميٽي کي پروجيڪٽ بابت بريفنگ ڏيندي هن چيو ته چين جون شرطون عمل جوڳيون ۽ اسان جي مفاد ۾ نه هيون، ان ڪري وزيراعظم خاقان عباسي چيو ته هاڻي ڊيم کي ملڪي ذريعن سان ئي ٺاهيو وڃي. گذريل هفتي ديا مير ڀاشا ڊيم کي CPEC مان ٻاهر ڪرڻ واري معاملي کي ڪيبنيٽ ڪميٽي ۾ به پيش ڪيو ويو هو. هن وقت 22 ارب ڊالرن جي ماليت جا 15 اهم بجلي جي پيداوار جا پروجيڪٽ CPEC جو حصو آهن، جنهن جي گڏيل طاقت 11,110 ميگا واٽ آهي. جنهن مان صرف ٻه پاڻي ذريعي بجلي پيدا ڪندا. جنهن جي پيداوار 1590 ميگا واٽ هوندي. ياد رهي ته ديا مير ڀاشا ڊيم 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو ۽ ان سان گڏ اهو 6 ملين ايڪڙ پاڻي جو ذخيرو به ڪري سگهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو