مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو فيصلو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي ڪابينا کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جو اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ کنڊ بحران تي جاچ ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. ڪابينا رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان کان سواءِ ڪابينا مفادن جي ٽڪرائن جو قانون جلد لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ذريعن موجب ڪابينا ٽيڪس چوري ۾ ملوث شگر ملن خلاف فوجداري ڪيس قائم ڪرڻ ۽ اٽي بحران رپورٽ تي وڌيڪ جاچ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪابينا ميمبرن چيو آھي ته حڪومت ۾ شامل ماڻھن جي ڪاروبار سان مفادن جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو، جنھن تي فوڊ سيڪيورٽي واري وزير فخر امام مفادن جي ٽڪرائن جو قانون لاڳو ڪرڻ جي رٿ ڏني. ان رٿ تي ڪابينا مفادن واري ٽڪراءَ جو قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪميشن جي رپورٽ ۾ ايس اي سي پي سميت ٻين ريگيوليٽرن کي به ذميوار قرار ڏنو ويو آھي. جاچ ڪميشن 9 شگر ملن جي آڊٽ ڪئي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو