مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تڪبندين جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار حڪومت بل پيش نه ڪري سگهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

2017 واري آدمشماري جي عبوري نتيجن جي بنياد تي تڪبنديون ڪرائڻ جو بل ايجنڊا ۾ شامل هجڻ باوجود اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪيو ويو. تڪبندين جي معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران معاهدي کان ڦري وڃڻ ڪري ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو. حڪومت پاران به ايجنڊا موجود هئڻ باوجود آئين ۾ ترميم جو بل پيش نه ڪري سگهي. حڪومت پاران اپوزيشن ليڊر سان ملاقات ڪئي وئي جنهن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته ترميم ۾ تمام پارٽين ساٿ نه ڏنو ته چونڊون وقت تي نه ٿي سگهنديون. ياد رهي ته اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي پارلياماني ليڊرن جي بنياد تي صوبن، فاٽا ۽ اسلام آباد جي سيٽن جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ آئيني ترميمي ڊرافٽ تي اتفاق ڪرڻ بعد پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران ان جي مخالفت بعد مامرو ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي. جنهن کانپوءِ چونڊن جي وقت سر ٿيڻ جي به اميد گهٽجي وئي آهي.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو