مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۾ داعش جو اثر وڌڻ لڳو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽيڊيز (پي آءِ پي ايس) طرفان جاري ڪيل سيڪيورٽي رپورٽ 2017 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ داعش جو اثر وڌي رهيو آهي. پاڪستان ٿنڪ ٽينڪ طرفان جاري ڪيل هن رپورٽ مطابق گذريل هڪ سال دوران دهشتگردي جون 6 ڪارروايون ٿيون. جنهن ۾ 153 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا. ان حملن جي ذميواري داعش قبول ڪئي آهي. پي آءِ پي ايس جي هيءَ رپورٽ انٽرويوز ۽ آرٽيڪلز ذريعي ٺاهي وئي آهي. جنهن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته داعش اتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجا پير ڄمائي وئي آهي. هڪ انٽرويو دوران پي آءِ پي ايس جي سينئر پروجيڪٽ مئنيجر ٻڌايو ته 2017 ۾ داعش پاران 6 خطرناڪ دهشتگردي جي واقعن جي ذميواري قبول ڪئي هئي، جنهن جي تفصيل هن ريت آهي. (1) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي گاڏي تي حملو (2) سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار تي حملو (3) لسٻيلا ۾ شاهه نوراني جي مزار تي حملو (4) ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملو (5) فتح پور ۾ درگاهه پير رکيل شاهه تي حملو (6) ٻين چيني ڀائرن جي اغوا بعد قتل وارو واقعو به شامل آهي. 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو