مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ حڪومتي سطح تي سوشل ميڊيا تي نظر رکي ويندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ جي داخلا واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي نظر رکي ويندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي قومي ادارن جي تذليل ڪئي پئي وڃي ۽ ملڪ ۾ انارڪي جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن لاءِ قانوني طور تي ڪم ٿي رهيو آهي. جنهن لاءِ FIA کي حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته هو اهڙو فريم ورڪ تيار ڪري جنهن سان اهڙن ماڻهن کي قانون جي دائري ۾ آندو وڃي جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي قومي ادارن کي ۽ پنهنجي مخالف ڌرين جي تذليل ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن جي سال ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻي پوندي ته ڪوبه سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ شخص سياسي وڳوڙ پيدا نه ڪري. هن اهو به چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي ڪوڙيون خبرون پکيڙي ليڊرشپ کي بدنام ڪيو پيو وڃي.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو