مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مالي سال 19-2018 جو بجيٽ اڄ پيش ٿيندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اپوزيشن جي اعتراض باوجود مسلم ليگ اڄ پنهنجو ڇهون بجيٽ پيش ڪندي. اسپيڪر قومي اسيمبلي پاران مسلم ليگ حڪومت جو آخري بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي گهرائي ورتو آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاران هن بجيٽ جي مخالفت ڪئي وئي آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو حجم 5500 ارب رپيا هوندو. جنهن ۾ مختلف سبسڊيون ڏنيون وينديون پر ڪاروبار ڪندڙن کي بجيٽ مان ڪابه اميد ڪانهي. بجيٽ ۾ 100 شين تي 230 اربن جي سبسڊي ڏيڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته جيڪڏهن اپوزيشن بجيٽ مسترد به ڪري ڇڏي يا ان ۾ حصو نه وٺي ته به حڪومت کي ان کي پيش ڪرڻ ۾ ڪابه قانوني رڪاوٽ نه ايندي. بجيٽ کي پاس ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ گهربل رڪن موجود آهن. بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ ان کي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جنهن بعد سينيٽ ان بابت 7 ڏينهن کانپوءِ پنهنجون سفارشون قومي اسيمبلي کي موڪليندي. جڏهن ته قومي اسيمبلي سينيٽ جون سفارشون مڃڻ جي پابند نه آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو