مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽيڪنالاجي جي استعمال تي پاڪستان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن: بل گيٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب آءِ ٽي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر عمر سيف  بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني، بل گيٽس سان آمريڪا ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ بل گيٽس چيو آهي ته   ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ پاڪستان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته بل گيٽس طرفان هن قسم جي تعريف عالمي سطح تي هڪ ڪاميابي آهي. ڊاڪٽر عمر سيف بل گيٽس کي ٻڌايو ته هن جي اچڻ کان اڳ پنجاب صوبي جي 18 سيڪڙو علائقي جي ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويا هئا پر اسان جي ٽيم جي بهتر طريقي ۽ منفرد نظام ڪارڻ 18 سيڪڙو کي وڌائي 88 سيڪڙو تي آندو ويو آهي. ڊاڪٽر عمر سيف پنجاب اندر سمارٽ فون ذريعي ڊينگي  جي خاتمي لاءِ استعمال ڪيل پروگرام بابت به ٻڌايو هن پروگرام سبب ئي پنجاب ۾ ڊينگي کي ختم ڪيو ويو آهي. هن موقعي تي ڊاڪٽر  عمر سيف ٻين ٽيمن سان به ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ جي آءِ ايس جي بنياد تي فصل جي پيداوار جو اندازو لڳائيندڙ زرعي ٽيڪنالاجي بابت  به آگاهه ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو