مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نواز شريف خلاف قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري 3 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران آخري وارننگ ڏيندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. 3 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم به ٻڌايو ويو. وارنٽ ٻن ڪيسن ۾ جاري ڪيا ويا آهن. جيڪي هن جي پٽن جي انگلينڊ ۽ دبئي جي ڪمپنين جي باري ۾ آهن. ڪورٽ پاران چيو ويو آهي ته هي اڳوڻي وزير اعظم لاءِ آخري موقعو آهي ته هو عدالت آڏو پيش ٿئي. ياد رهي ته اهي وارنٽ ضمانت جوڳا آهن. نواز شريف جي وڪيل ٽيون دفعو پيشي کان معافي جي درخواست جمع ڪرائي آهي. جڏهن ته نواز شريف جي ڌيءَ ۽ سندس ناٺي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر پاران اهڙي ڪابه درخواست ناهي ڏني وئي ۽ هو عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن. ياد رهي ته نواز شريف هن وقت به سعودي عرب ۾ موجود آهي پر پنهنجي گهرواري جي بيماريءَ جو جواز ٻڌائيندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت ڏيکاري آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو