مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نواز شريف ۽ مريم نواز جي وطن واپسي، ابو ظهبي پهچي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نواز شريف ۽ مريم نواز گرفتاري ڏيڻ لاءِ لنڊن کان روانا ٿيڻ بعد ابو ظهبي پهچي ويا آهن. ٻئي ڄڻا پرائيويٽ جهاز اي واءِ 423 ذريعي لنڊن کان ابو ظهبي پهچي ويا آهن. ابو ظهبي ۾ مختصر قيام کانپوءِ ٻئي ڄاڻا لاهور لاءِ روانا ٿيندا، جنهن بعد پوڻي 7 وڳي هو لاهور پهچي ويندا. لنڊن ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ جون تصويرون به شيئر ڪيون ويون آهن. نيب پاران چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن کي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪري هيلي ڪاپٽر ذريعي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو. ياد رهي ته ٻئي ڄڻا نيب عدالت پاران ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا جو اعلان ٿيڻ بعد ملڪ اچي گرفتاري پيش ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 10 سال ۽ مريم نواز کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ساڳي طرح مريم جي مڙس ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ٻئي طرف نيب پاران اهڙن ماڻهن کي وارننگ ڏني وئي آهي جيڪي نواز شريف جي گرفتاري ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش جو سوچي رهيا آهن. خبرن موجب ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ٻنهي کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو، جنهن بعد انهن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو