مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هندستان جي مذهبي پيشوا تي ريپ جو الزام ثابت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هندستان جي مذهبي پيشوا ۽ نريندر مودي جي سائين باپو آسا رام تي 16 سالن جي ڇوڪري سان جنسي زيادتي جو ڪيس ٿابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. خبرن موجب هندستان جي رياست راجسٿان جي شهر جوڌپور جي اسپيشل ڪورٽ هندو ساڌو آسا رام کي جنسي ڏاڍائي ڪيس جي مقدمي ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته ٻن ملزمن شلپي ۽ شرد چندر کي معاونت ڪرڻ تي 20، 20 سال سز ٻڌائي وئي. ڇوڪري جي شڪايت مطابق آسا رام 15 آگسٽ 2013 تي آشرم ۾ هن سان زيادتي ڪئي هئي. جتي اها تعليم لاءِ وئي هئي، ڇوڪري جي والد پاران عدالت کي انصاف جي درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ 31 آگسٽ تي آسا رام کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هاڻي 5 سالن کانپوءِ ڪيس ثابت ٿيڻ کانپوءِ هن کي سزا ڏني وئي آهي. واضح رهي ته آسا رام جي عمر 77 سال آهي ۽ هن جا سڄي دنيا ۾ 400 آشرم آهن ۽ هن تي ٻين ڇوڪرين تي جنسي زيادتي جا ڪيس به هلي رهيا آهن، پر سزا صرف هڪ مقدمي جي آئي اٿس.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو