مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گهٻرايو نه، ڪورونا جو مقابلو ڪنداسين، شهر بند ڪيا ته ماڻهو بک مري ويندا: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سرڪاري ٽي وي ذريعي قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون اوهان سان ڪورونا وائرس بابت ڳالهائيندس ڇو ته ڊڄان ٿو ته ان سان ملڪ ۾ افراتفري پکڙجندي. قوم جي حيثيت ۾ اسان ڪورونا جو مقابلو ڪنداسين ۽ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اسان 15 جنوري کان احتياطي قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ هيستائين هوائي اڏن تي 9 لک ماڻهن جي اسڪريننگ ڪري چڪا آهيون. شهرن کي بند ڪرڻ جي تجويز به آئي، پر ملڪ جون حالتون اهڙيون نه آهن جهڙيون يورپ ۾ آهن. تنهنڪري اسان سوچيو ته جيڪڏهن شهر بند ڪنداسين ته ان سان هڪ پاسي ڪورونا وائرس کان متاثر ٿينداسين ته ٻئي طرف ماڻهو بک ۾ مري ويندا. وزيراعظم چيو ته اسان وينٽيليٽرن لاءِ آرڊر ڏنا آهن جيڪي ضروري هئا. ڪاروباري مرڪز بند ڪرائڻ سان معيشيت بگڙجندي پر ان حوالي سان رابطا ڪاميٽي ڪم ڪندي ته ڪٿي مهانگائي نه ٿئي ۽ ان حوالي سان اسان آءِ ايم ايف سان به ڳالهائينداسين. مون کي خدشو آهي ته هن صورتحال مان ذخيرا انداز فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آئون انهن کي خبردار ٿو ڪريان ته ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم عوام کي تجويز ڏني ته 40 ماڻهن جي هڪ هنڌ ۽ بند ڪمرن ۾ به وڌيڪ ماڻهو رهڻ کان پاسو ڪيو وڃي. وائرس هٿ ملائڻ سان پکڙجي ٿو، تنهنڪري هٿ نه ملايو، هٿن کي چڱيءَ طرح ڌوئڻ معمول بڻايو وڃي

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو