مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قانون واري سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي هاءِ ڪورٽ سخت ناراض

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ  هاءِ ڪورٽ جي احتساب عدالت ۾ ججن جي مقرري واري معاملي تي ٻڌڻي دوران قانون واري وفاقي وزير جو جوائنٽ سيڪٽري پيش ٿيو، عدالت پڇيو ته سيڪريٽري قانون ڪٿي آهي، اسان ته کيس طلب ڪيو هو؟ جوائنٽ سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته سيڪريٽري قانون هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. جنهن تي عدالت مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڪيس نمبر ٻڌايو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هاڻي ئي پتو لڳايون ٿا ته سيڪريٽري ڪٿي آهي. جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته جيل موڪلينداسين. ٻڌايو ته هي معاملو ڪڏهن حل ٿيندو. ڊپٽي اٽارني جنرل 15 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته توهان لکي ڏيو ته هي معاملو حل نه ٿيو ته توهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو