مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اينجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ جي عليحدگي جو ڪارڻ ٻار نه هئا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نين خبرن موجب اينجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ جي عليحدگي جو ڪارڻ سندن ٻار ۽ انهن جي تعليم نه هئي پر انهن وچ ۾ عليحدگي جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته بريڊ پٽ ٻارن لاءِ هڪ عام زندگي چاهي رهيو هو جڏهن ته اينجلينا جولي انهن کي وڏي شخصيت بنائڻ جي خواهش رکي هئي. خبر موجب اطلاع ڏيندڙ شخص ٻڌايو ته هن جو ثبوت اهو آهي جو هنن ٻنهي ساڳئي معاملي تي اڃان به ڇڪتاڻ موجود آهي. اينجلينا اڄ به ٻارن کي پاڻ سان گڏ هر شو ۾ وٺي ايندي آهي جڏهن ته بريڊ پٽ ان جي برخلاف ڪندو آهي. اينجلينا ٻارن سان دوست جهڙو ورتاءُ رکندي هئي جڏهن ته پريڊ پٽ انهن سان روايتي ورتاءُ رکندو آهي. بريڊ پٽ تي اهو الزام هو ته هن پنهنجي پٽ ميڊوڪس کي چماٽ هنئي هئي جيڪو الزام هن تي ثابت نه ٿيو هو پر چيو وڃي ٿو ته ان ئي ڳالهه تان ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي هئي. ياد رهي ته هن معاملي تي اهو به چيو ويو هو ته ٻنهي زال مڙس وچ ۾ ٻارن جي تعليم جي معاملي تي عليحدگي ٿي هئي، پر اها خبر هاڻي ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو