مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

  نائن اليون جي ورسي جي موقعي تي ڪابل ۾ آمريڪا جي سفارت خاني تي راڪٽ حملو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا ۾ نائن اليون جي حملي کي 18 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي افغانستان ۾ موجود سفارت خاني تي راڪٽ سان حملو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حملي کان هڪ ڪلاڪ بعد عملي پاران ٻڌايو ويو ته حملي ۾ ڪو به جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو آهي. جڏهن ته سفارت خاني جي ايريا کي به ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف سفارت خاني جي ويجهو نيٽو جي مشن پاران به چيو ويو آهي ته حملي ۾ ڪو به اهلڪار زخمي نه ٿيو آهي. واضح رهي ته آمريڪا ۽ افغانستان طالبان وچ ۾ ڪجه عرصي کان هلندڙ امن ڳالهين جي خاتمي بعد ٿيل هي پهريون حملو آهي. هن کان پهريان ڳالهين دوران ئي طالبان ڪابل ۾ ٻه ڪار ڌماڪا ڪيا هيا. جنهن جي نتيجي ۾ نيٽو جا 2 اهلڪار ۽ ڪجه شهري مارجي ويا هيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو