مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

 آمريڪا سعودي عرب ۾ 3000 فوجي موڪليندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي دفاع واري اداري پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا سعودي عرب ۾ 3000 فوجي موڪليندو جيئن سعودي عرب ۾ تيل جي کوهن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. پينٽا گون پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا پاران 3000 فوجين سميت پيٽرياٽ ميزائيل، هڪ ٿاڊ ميزائيل، ٻه فائيٽر اسڪواڊ رنز موڪلي ويندي. آمريڪا جي سيڪريٽري  آف ڊفينس مارڪ ايسپر پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا پاران هي قدم ويجهڙ ۾ سعودي عرب تي ٿيل حملي ۽ خطي ۾ سعودي عرب لاءِ موجود خطري سبب کنيو ويو آهي. واضح رهي ته پينٽاگون پاران اهو به چيو ويو آهي ته سعودي عرب جي شهزادي محمد بن سلمان پاران آمريڪا کان فوج موڪلڻ جي گهر ڪئي وئي هئي. 3000 فوج موڪلڻ بعد آمريڪا جي سعودي عرب ۾ موجود فوج جو تعداد 14000 ٿي ويندو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو