مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽائيفائيڊ تي اينٽي بايوٽڪ دوائون اثر نه پيون ڪن: آمريڪي الرٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا پاران پاڪستان اندر ٽائيفائيڊ بابت الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. خبرن موجب آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائون ٽائيفائيڊ بخار تي اثر انداز ٿيڻ ۾ ناڪام وڃي رهيون آهن. هن قسم جي خبرن کانپوءِ قومي صحت واري ايڊوائيزري مطابق پاڪستان ۾ ٽائيفائيڊ جي ڦهلجڻ جو خطرو آهي. ياد رهي ته ٽائيفائيڊ بخار واري مريض کي 103 کان 104 بخار ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ٽائيفائيڊ بخار جي نشانين ۾ مٿي جو سور، بک نه لڳڻ، جسم ۾ سور ۽ منهن تي ڳاڙها نشان اچڻ به شامل آهي. آمريڪا پاران ڏنل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽائيفائيڊ بخار کان بچڻ لاءِ صاف غذا جو استعمال ڪيو وڃي، کليل ۽ آلودا ٿانو استعمال نه ڪيا وڃن. ان کان علاوه اهڙي مريض جي استعمال جا ٿانو الڳ ڪري رکڻ گهرجن ۽ ٽائيفائيڊ کان بچاءُ جي دوا استعمال ڪرڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو