مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آءِ بي اي ڪراچي ڪورونا سبب ترميم شده داخلا پاليسي جاري ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي ڪورونا چئلينجن سبب پنهنجي نئين تعليمي سيشن جي داخلا پاليسي ترميم سان گڏ جاري ڪري ڇڏي آهي. داخلا پاليسي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ بي اي ڪراچي هن غير روايتي وقت ۾ اچڻ وارن شاگردن جي آسانيءَ لاءِ پنهنجي داخلا پاليسيءَ ۾ وڏي تبديلي ڪري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون جي موجوده صورتحال سبب داخلا ٽيسٽون نه ٿي سگهيون ته اهڙي صورت ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ کان بغير فقط انٽرويو جي بنياد تي داخلائن جو طريقيڪار طئي ڪري رهيو آهي. اهڙي صورت ۾ شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويندا. آءِ بي اي جي موجوده ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد غني کان داخلا ٽيسٽ جي حوالي سان پڇيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته اسين هڪ مهيني ۾ اهو طئي ڪري وٺنداسين ته داخلا ٽيسٽ وٺڻي آهي يا ٽيسٽ کان بغير ئي انٽرويو جي بنياد تي ئي داخلائون ڪيون وينديون

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو