مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پائليٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ پرائيويٽ ايئر لائين تي ڏنڊ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس ثاقب نثار پاران پائليٽ جعلي ڊگرين واري مامري تي ناراضگي جو اظهار ڪندي ايئر بلو سميت هڪ پرائيويٽ ايئر لائين تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار پاران ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ٻڌڻي دوران ايئر بلو جي ايم ڊي کان پڇيو ته اڃان تائين پائليٽ جي جعلي ڊگرين جي تصديق ڇو ڪونه ٿي آهي. جنهن کانپوءِ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ڪونه گهرايو آهي ۽ ڪابه غير ذميداري ٿي ته ايم ڊي ايئر بلو جنيد خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايئر بلو تي 50 هزار رپيا ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو. هن موقعي تي پي آءِ اي جي، سي اي او کي پائليٽن جي ڊگري جي تصديق متعلق مڪمل رپورٽ 4 وڳي تائين ڏيڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو