مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سيالڪوٽ ۾ احمدين جي تاريخي عبادت گاهه ڊاهي پٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ علائقي جي سني مسلمانن جي گروهه پاران احمدين جي تاريخي عبادت گاهه کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. جنهن وقت هن عبادت گاهه کي پٽ ڪيو پئي ويو ان مهل ان اندر ڪوبه موجود نه هو. خبرن موجب هن عبادت گاهه کي اهڙي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪجهه سالن کان بند ڪيو ويو هو. هن عبادت گاهه لاءِ چيو ويندو آهي ته احمدي جماعت جي باني مرزا غلام احمد پنهنجي زندگي ۾ هن عبادت گاهه جو دورو ڪيو هو. جنهن سبب هن عبادت گاهه کي احمدين ۾ خاص مقام حاصل آهي. احمدي فرقي جو بنياد مرزا غلام احمد 19 صدي ۾ انگريزن جي دور ۾ رکيو. هن تحريڪ جي شروعات پنجاب جي علائقي قاديان مان ٿي هئي جنهن سبب هن جماعت جي ڪجهه ماڻهن کي قادياني به سڏيو ويندو آهي. هن جماعت جي ماڻهن کي 1974ع تائين مسلمانن جو ئي هڪ فرقو سڏيو ويندو هو. پر 1974ع ۾ هنن کي غير مسلم قرار ڏنو ويو. پاڪستان ۾ سني ۽ شيعه ٻه اڪثريتي فرقا آهن ۽ احمدين جي هڪ ننڍي تعداد ئي هتي رهي ٿي. احمدي پنهنجي عبادت گاهه کي مسجد نٿا چوارئي سگهن.

 فائيل فوٽو

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو