مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چوڪيدار جي ڌيءُ مسلمان عورت حليما يعقوب سنگاپور جي صدر بڻجي وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 سنگاپور: سنگاپور ۾ ملڪ جي پهرين عورت صدر جي مقرري ٿي وئي آهي. اڳوڻي پارلياماني اسپيڪر ٦۳ ورهين جي چوڪيدار جي ڌيءُ ڀارتي ڄائي حليما يعقوب جو تعلق مسلمانن جي مالي نالي اقليت سان آهي. کيس ڪنهن ووٽنگ کان سواءِ ئي ملڪي صدر مقرر ڪيو ويو. جنهن تي تنقيد پڻ جاري آهي. جرمن خابرو اداري موجب سندس مقرري ان لاءِ عمل ۾ آئي آهي ڇو جو اختيارين موجب ٻيا اميدوار گهربل معيار تي پورو نه لهي سگهيا. ساڍا ۵ ملين آبادي جي سنگاپور ۾ جيتوڻيڪ اڪثريت چيني نسل جي ماڻهن جي آهي. پر صدر جي عهدي لاءِ مالي ڪميونٽي مان ڪنهن ماڻهو ان لاءِ چونڊيو ويو ته جيئن مذهبي برابري جو پيغام ڏئي سگهجي. اها ڳالهه اهم آهي ته سنگاپور ۾ صدر جا اختيار محدود هوندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو