مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪورونا وائرس عالمي وبا بڻجڻ واري آهي: صحت وارو عالمي ادارو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

صحت واري عالمي اداري چين مان ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس بابت سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪوبه ڪورونا وائرس کان بچڻ جي قابل نه آهي. ان جي ڪري ٿيندڙ سنگين بيماريون به موسمي فلو کان وڌيڪ آهن. صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊوانوم جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 3.4 سيڪڙو فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته فلو جي متاثرن ۾ موت جي شرح فقط هڪ سيڪڙو آهي. ڊائريڪٽر ٽيڊروس موجب وائرس دنيا جي ڪافي ملڪن تائين پهچي چڪو آهي جو ان جي عالمگير وبا بڻجڻ جو خطرو حقيقي آهي. جڏهن ته هي پهرين عالمي وبا آهي جنهن کي روڪي سگهجي ٿو. ياد رهي ته ڪورونا وائرس دنيا جي 115 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو