مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مقبوضه ڪشمير ۾ ڪرفيو باوجود ڀارت مخالف مظاهرا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڀارتي جبر ۽ بدترين ڪرفيو جي باوجود گذريل ڏينهن جمعي نماز کانپوءِ مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس جي مطابق اهي مظاهرا سري نگر، بڊگام، گندربل، اسلام آباد، پلواما، ڪلگام، شوپيان، بانديپوره، باره موله، ڪپواڙه ۽ مقبوضه وادي جي مختلف علائقن ۾ ڪيا ويا. احتجاج ڪرڻ وارا ڪشمير جي آزادي جي حق ۾ ۽ ڀارت مخالف نعرا هڻي رهيا هئا. ڀارتي فورسز پنهنجون سفاڪانه روايتون برقرار رکندي انهن احتجاجين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو، جنهن سان ڪيترين جڳهين تي احتجاجي شديد زخمي به ٿيا. مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ 3 نوجوان شهيد. مقبوضه ڪشمير جي مسلم اڪثريتي علائقن ۾ هن وقت به زندگيءَ جو معمول شديد متاثر آهي. فون ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي انتهائي محدود آهي. جڏهن ته روزاني استعمال ٿيندڙ شين ۽ دوائن جي کوٽ سان انهن علائقن ۾ بدترين انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو