مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سرامڪ ۽ شيشي مان ٺهيل هواوي جو ستن ڪئمرائن وارو فون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چين جي تيزي سان اڀرندڙ اينڊرائڊ فون ڪمپني هواوي هڪ اهم اعلان ڪيو آهي ته ان جو ايندڙ فون پي فورٽي سرامڪ ۽ شيشي تي ٻڌل هوندو. ان جي وڌيڪ خوبين ۾ هڪ نه ٻه نه پر ست ڪئمرائون نصب هونديون. سمارٽ فونن جي خبر ڏيڻ واري ماهر ايوان بليس مطابق هواوي پنهنجو هڪ اهم فون لانچ ڪرڻ جي تياري ۾ آهي، جنهن تي ست ڪئمرائون نصب هونديون. ڪئمرا جي پٺيان ٽيلي فوٽو لينس ۽ الٽراوائڊ لينس به شامل هوندا. ٻئي طرف ٽيڪنالاجي جي ويب سائيٽ ورج مطابق هڪ ڪئمرا 13 دفعا آپٽيڪل زوم جي صلاحيت رکندي آهي. ٻه ڪئمرا اڳيان نصب هوندا، ظاهر آهي ته ان جو ڊسپلي بيزل کان بغير هوندو يعني اسڪرين جا ڪنارا نه هوندا. تجزيو ڪندڙن جي مطابق هيڊ فون جو جيڪ ختم ڪيو ويو آهي ۽ چارجنگ لاءِ يو ايس بي سي جي سهولت موجود هوندي.

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو