مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سمارٽ فون تان ٻارن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ چوزن جي ورهاست

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

انڊونيشيا جي هڪ شهر ۾ ٻارن کي سمارٽ فون جي عادت کان بچائڻ لاءِ نرم ۽ ملائم کل وارا چوزا تقسيم ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ چئن ڏينهن جا چوزا بوندگ شهر جي اسڪولن جي 2000 ٻارن ۾ ورهايا ويا ۽ ان جو اهم مقصد ٻارن کي ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون کان پري رکڻ آهي. ان عمل کي انهن مرغيانه يا چڪنائيزيشن جو نالو ڏنو آهي. هر شاگرد کي اها ذميواري ڏني وئي ته اهي صبح ۽ شام چوزن کي داڻو ۽ پاڻي ڏيندا. ڪجهه شاگردن کي پڃرا به ڏنا ويا آهن، جنهن تي لکيل آهي ته مهرباني ڪري منهنجو چڱيءَ طرح سان خيال رکو. هي اسڪول جڪارتا کان 150 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي واقع آهي ۽ ٻارن کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اسڪول ۾ جڳهه نه هجي ته اهي انهن کي پنهنجي گهر کڻي وڃي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو