مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روس آواز جي رفتار کان 27 دفعا وڌيڪ تيز رفتار ميزائيل نصب ڪري ڇڏيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 

روس چيو آهي ته هن آواز جي رفتار کان 27 دفعا وڌيڪ هائيپر سانڪ ميزائيل نصب ڪري ڇڏيا آهن، انهن جديد ترين هائيپر سانڪ ميزائلن جو نالو ايون گارڊ آهي جيڪي آواز جي رفتار کان 27 دفعا تيز آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي اينٽي ميزائيل ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ ۽ بلندي تبديل ڪرڻ جون صلاحيتون رکن ٿا. هي ميزائيل جي دفاعي نظام کي ناڪاره بڻائي ڇڏيندا. روسي صدر ولادي مير پيوٽن ٻڌايو ته ايون گارڊ سسٽم موجوده ۽ مستقبل جي سڀني ميزائيل دفاعي نظامن کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو ۽ هن ٽيڪنالاجي ذريعي روس سڀني ملڪن کان اڳيان نڪري آيو آهي. واضح رهي ته آمريڪا ۽ چين وٽ به هائيپر سانڪ يعني آواز جي رفتار کان تيز رفتار وارا ميزائيل موجود آهن.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو