مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

ٻالڪ ادب جي ليکڪ بيخود بلوچ سان ٻارن جي ادب بابت ڳالهه ٻولهه

بيخود بلوچ جو اصل نانءُ فتح الله جسڪاڻي آھي. بيخود بلوچ برک سماجي اڳواڻ ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1971 تي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي (تعلقو پنوعاقل ضلعو سکر) ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آھي. ڪرت طور درس تدريس سان لاڳاپيل ھن قلمڪار نثر ۽ نظم ٻنھي ۾ لکيو آهي. سندس بنيادي سڃاڻپ شاعر طور آھي.

بلاگ

سنڌ ۾ آدمشماري ۽ ڊيموگرافيءَ جو بدلاءُ

2023 جي آدمشاريءَ ۾ جيتري واويلا ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ڪئي جنهن ۾ جماعت اسلامي سڀ کان وڌيڪ روڄ راڙو ڪيو ۽ اهڙي طرح ميڊيا جي مدد سان احتجاج ڪيائون جو هنن ڪراچيءَ جو ڪک پن به ڳڻائي اڳتي پڄايو. هنن کي ان ڳالھ جي به ڳڻتي هئي ته جي ڪراچي شهر جي آبادي گهٽ ٿي وئي ته هي سڀ اقليت ۾ اچي ويندا، ڇو ته ڪراچي شهر ۾ هاڻي غير اردو گهڻا ٿي ويا آهن، جن جي فرٽيلٽي به گهڻي آهي، پر مهاجرن خاص طور اردو ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جي شرح گهٽ آهي.

بلاگ

بنون واقعي جي حساسيت کي سمجهڻ ملڪي سلامتي لاءِ اهم آهي

طاقتور ادارا جڏهن به آئين کان مٿانهيون پاليسيون ٺاهين ٿا، انهن پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ قوم کي هميشه نقصان ڀوڳڻو پيو آهي، پر بجاءِ سبق سکڻ جي طاقتور ڌرين هڪٻئي جي پويان مسلسل غلطيون ڪندي ملڪ جي امن کي اڄ جي صورتحال تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

بلاگ

سنڌ سرڪار کي اسڪولن ۾ هنري تعليم شروع ڪرڻ گهرجي

غربت جو سڌو سنئون تعلق بيروزگاريءَ سان هوندو آهي پنهنجي ملڪ ۾ بيروزگاري جي ڪري ملڪي عوام جو 45 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. سبب اهو ئي آهي ته بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن بجاءِ گهٽتائي ٿيڻ جي اضافو ٿي رهيو آهي. صرف 2024ع جي لاءِ پيشنگوئي ٿي آهي ته ان ۾ تقريبن 66 لک ماڻهو وڌيڪ بيروزگار ٿيندا. ملڪ جي ڪل آدمشماريءَ جو صرف 52 سيڪڙو ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح سان ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان واڳيل آهي.

بلاگ

اسڪولن ۾ هنري تعليم ڏئي شاگردن جو مستقبل سنواري سگهجي ٿو

سنڌ جي مجموعي تعليم تباھ آھي، سنڌ جي تعليم جو معيار ڪريل آھي ۽ سنڌ جي غريب عوام جي معاشي حالت ابتري جو شڪار آهي. اھڙي صورتحال ۾ اسڪولن ۾ ٻارن کي هنري تعليم ڏئي ان قابل بڻايو وڃي ته جيئن اهي اسڪول مان ڪو هنر سکي نڪرن ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڪو ننڍو وڏو ڪم ڪرڻ جي قابل ٿين.

بلاگ

حڪومت مهانگائيءَ جو ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي

رڳو بجليءَ ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڇا مهانگائي جو ٻج ناهي؟ هاڻي پيٽرول وانگي هر دڪاندار ترن جو تيل به ترن مان ڪڍي ڄاڻي. اهي سمجهن ٿا ته ڪڻڪ جي سستي يا مهانگي ٿيڻ سان ڪجھ ناهي ٿيڻو، حڪومت ڀلي انهن کان 28 سئو ۾ مڻ خريد ڪري، پر هاڻي ته اگھ اهو ئي هوندو جيڪو رياست کي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي اگهن مان ڪمائي ڏئي.

بلاگ

ڊجيٽل آدمشماريءَ جا نتيجا سنڌ جي ماڻهن لاءِ ناقابل قبول آهن

وفاقي حڪومت گذريل سال جي ٿيل ڊجيٽل آدمشماريءَ جا جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن ان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي هٿ وٺي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ جو سنڌي ڳالهائيندڙ ڪوشش ڪندو آهي ته سندس طرفان مذهب يا ٻوليءَ جي بنياد تي نفرت جو اظهار نه ٿئي. ان جو سبب آهي ته سنڌ جو اصل رهاڪو سنڌي ڳالهائيندڙ جي اندر ۾ هڪ صوفي ۽ انسان دوست ماڻهو رهي ٿو،

بلاگ

شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ٺهندڙ تعزين جي تاريخ

حضرت امام حسين عليه السلام جي با وقار شخصيت عالم انسانيت لاءِ معتبر ۽ محبوب ترين رھندي ٿي اچي، ڪربلا جي ميدان تي سندن صبر جو ڪو مثال ئي ٿو ملي. تاريخ انسانيت ۾ اھڙا ھزارين واقعا ملن ٿا جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي اثر ڇڏي ويا ھجن، پر ڪربلا جي قضيي باضمير ماڻھن جي ذھنن تي نه صرف اثر ڇڏيو، پر انسانيت کي بيدار ڪرڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.

بلاگ

ڇا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي سگهي ٿي؟

شهباز سرڪار هاڻي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالھ به سُجهي ٿي ته هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون نٿيون رهي سگهن يا ٻه شينهن هڪ جهنگ ۾ نٿا رهي سگهن يا نٿا ٺهي سگهن. ان ڪري هاڻي شهباز سرڪار جي به الله ٻُڌي جو اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي عمران خان پنهنجي لاءِ سڀ سامان تيار ڪري ڇڏيا هئا جو مٿان 9 مئي اچي پڳي ۽ پي ٽي آءِ جا مٿي ڦريل يوٿيا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پاڻ ئي پنهنجي گهرن کي باهيون ڏئي ويهي رهيا. ائين چئون يوٿين به عمران خان واري ڳالھ ڪئي، جنهن ڪنٽينر تي بيهي سول نافرماني ڪئي هئي،

بلاگ

عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا

موجوده هلندڙ حڪومت آمريڪا جي هڪ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ مطابق ايندڙ ارڙهن مهينن تائين برقرار رهندي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن. فچ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ موجوده حڪومت جي مدي متعلق ڳالهه ڪندي ٻيون به ڳالهيون ڪيون،

وڌيڪ لوڊ ڪريو