محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي سموري ڪائنات تي سوڳ جي چادر ڇانئجي ويندي آهي، هر پاسي کان ياحسين عه جون صدائون بلند ٿينديون آهن، هرپاسي کان مجلسِ عزا برپا ڪئي ويندي آهي، هر پاسي سينه زني ۽ زنجير زني ڪئي ويندي آهي. محرم الحرام جي مهيني ۾ هر مومن ڪارو ويس اوڍيندو آهي، هر مومن غمگين نظر ايندو آهي، هر مومن جي اکين مان ڪربلا جي قضيي تي اکين مان نير جاري رهندا آهن. پاڻ ڪريم صه جن ڪاري چادر ۽ ڪارو عمامو پائيندا هئا، چشتيه سلسلي جو مشهور بزرگ بابا فريد يعني محمد مسعود الدين گنج شڪر پاڪ پتن وارو پاڻ ڪارا ڪپڙا پائيندو هو. بابا فريد صاحب پاڻ ٿو فرمائي؛