حضرت امام حسين عليه السلام جي با وقار شخصيت عالم انسانيت لاءِ معتبر ۽ محبوب ترين رھندي ٿي اچي، ڪربلا جي ميدان تي سندن صبر جو ڪو مثال ئي ٿو ملي. تاريخ انسانيت ۾ اھڙا ھزارين واقعا ملن ٿا جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي اثر ڇڏي ويا ھجن، پر ڪربلا جي قضيي باضمير ماڻھن جي ذھنن تي نه صرف اثر ڇڏيو، پر انسانيت کي بيدار ڪرڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. 10 محرم الحرام تي جڏھن ھڪ پاسي يزيد ملعون ۽ سندس فوج ظاھري سوڀ ماڻي به شڪست کاڌي ته ٻئي طرف الله ۽ رسول خدا ﷺ جي دين کي جيڪا بقا ملي تنھن جي روشنيءَ جا ڪرڻا قيامت تائين قائم رهندا.