سنڌي صحافت جي زوال پذيري جا سبب
گھٽ پڙھيا ۽ گھٽ پگھار وارا ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جيڪي ڪارن انجڻين وارين گاڏين وانگر مکڻ، لسي، ماکي ۽ مڇي تي جھر جھنگ بيھي رھن ٿا. پاڻ کان وڌيڪ قابل ماڻھن جو قدر نٿا ڪن. احساس برتري جو شڪار ٿي رڳو پاڻ کي قابل سمجھن ٿا.
گھٽ پڙھيا ۽ گھٽ پگھار وارا ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جيڪي ڪارن انجڻين وارين گاڏين وانگر مکڻ، لسي، ماکي ۽ مڇي تي جھر جھنگ بيھي رھن ٿا. پاڻ کان وڌيڪ قابل ماڻھن جو قدر نٿا ڪن. احساس برتري جو شڪار ٿي رڳو پاڻ کي قابل سمجھن ٿا.
آبهوا جي تبديليءَ جي موافقت سان ملڪن جي وڌندڙ آبادي به هڪ وضاحتي عنصر آهي، جنهن تي مهل سان غور ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان ڪري ته وڌندڙ آبادي سبب خالي ميدان هاڻي شهر بڻجي رهيا آهن، معنيٰ جن حصن تي وڻ، ٻيلا ۽ ساوڪ هجڻ گهرجي ها، انهن جاين تي هاڻي آباديءَ جي پيھ وڌندي رهي ٿي، جنهن جو انت شمار ناهي،
پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي. سندس جاگرافيائي بيهڪ جي هڪ خاص اهميت آهي، جيڪڏهن ان جي باوجود به حڪومتِ پاڪستان جي هٿ ۾ ڪشڪول آهي ته ان ۾ ڏوهه حڪمرانن جو آهي. ملڪ اندر سنڌ صوبي جي وسيلن جي ڳالهه ڪجي ته اسان کي ٻين صوبن کان وڌيڪ نظر اچن ٿا، پر سنڌ جي حڪمرانن جا حال به ساڳيا ئي آهن.
روايت ڇا آهي ۽ اها ڪيئن جنم وٺي ٿي؟ علم بشريات جي ماهرن اسان کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن انسانن کان سڀ علم ۽ عادتون (جي هُو سکيا آهن) وسري وڃن ته هوند سندن ذهن اڳ جيان بهتر رهندا، پر سڀ ايترا ته لاچار ۽ بيوس ٿي ويندا، جو صرف ھڪ مھيني جي اندر ڏهن ڄڻن مان نوَ ڄڻا مري ويندا ۽ ڇھن مهينن جي اندر باقي بچيل سڀ انسان مري ويندا.
ويجھي ماضيءَ تائين خوراڪي تسلسل ۾ انساني نسل جي جاءِ وچٿري هئي. لکن سالن کان وٺي انسان ننڍڙا جانور پئي شڪار ڪيا. جڏهن ته هو خود وڏن جانورن جو شڪار به پئي ٿيا. صرف چار لک سال اڳ ڪيترن ئي انساني نسلن وڏا جانور باقائدگيءَ سان شڪار ڪرڻ شروع ڪيا ۽ صرف هڪ لک سال اڳ موجوده انساني نسل جي ميدان ۾ اچڻ سان، ماڻهو خوراڪي تسلسل ۾ سڀني کان اڳيان ٿي بيٺو.
پوري دنيا ۽ قديم تھذيبن ۾ جسم فروشي قديم بادشاھن جي ذاتي شوق جي پيداوار ۽ مذھب جي آڙ ۾ جنم وٺندڙ تاريخي حقيقت آھي، جيڪا ابد کان جاري آھي ۽ خبر ناهي ڪيستائين جاري رھندي. جسم فروشي فارسي جو لفظ آھي، عربي ۾ ان لاءِ ”دارڪ“ جو لفظ استعمال ٿيو آھي، انگلش ۾ ان ڌنڌي کي Prostitution چيو وڃي ٿو، جيڪو لفظ ”پراسٽيٽيونا“ prostitunia مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ ۽ مطلب آھي پنھنجي جسم کي ٻئي جي حوالي ڪرڻ يا پنھنجو جسم پنھنجي ڪنھن فائدي لاءِ ٻئي کي ڏيڻ آھي.
يقين ۽ اعتبار ٻه اهڙيون شيون آهن جنهن سان انسان ترقي به ڪندو آهي ۽ انسان پنهنجي مستقبل کي تباهه به ڪندو آهي. آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٻه ايٽم بم ڪيرايا، اهو انساني تاريخ جو وڏو الميو هو ۽ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي تباهي هئي، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪرڻ سان هر طرف موت ئي موت ئي هو ۽ هر طرف لاش جا مينار هئا اها ايڏي تباهي هئي جنهن کي دنيا اڄ تائين وساري نٿي سگهي.
سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي مالي سال 2024-25 جو خاص تحفو ڏنو آهي. سنڌ حڪومت عوامي ڀلائيءَ جي لاءِ 10 خاص معاون ۽ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت محسوس ڪيو ته ان کي سنڌ جي ترقي جيڪا بقول حڪومت تمام گهڻي ٿي چڪي آهي ۽ عوام سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهي،
لطيف دنيا جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ اها چس ۽ رس ڀريل آهي، جنهن سان زبان کي ذائقو، دل کي سڪون ۽ دماغ کي سوچڻ لاءِ نئون مقصد ملي ٿو. شاھ صاحب وائيءَ جو اهو مها ساگر آهي، جنهن ۾ روح غوطا کائي، تازو، توانو ۽ نت نئون ٿي ويندو آھي. جڏھن سندس وايُون تنبوري جي تارُن مان نڪتل دلڪش ۽ پُرڪشش سُرن سان گڏ جهونگاربيون آهن
قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته: “پڙهو (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو. جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ انسان کي اهو علم ڏنو جنهن کي هُو نه ڄاڻندو هو.” منهنجي لاءِ اها هڪ اعزاز جهڙي ڳالھ آهي ته، آئون هڪ استاد آهيان.
پاڪستان جون حالتون ڪٿي بيٺل آھن اھو فڪر ۽ احساس سڀني محب وطن پاڪستانين خاص طور سنڌ واسين کي گھڻو آھي. ھنن حالتن ۾ مقبول صديقي جھڙو نسل پرست ۽ نفرتون عام ڪندڙ پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙ نام نھاد حڪومت ۾ ويٺل جنگجو ذھنيت رکندڙ نالي جو سياستدان خطرناڪ حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت پريس ڪانفرنسن ۾ زھر اوڳاڇيندو رھي ٿو.
ماڻهو مري سگهي ٿو ڪردار ناهن مرندا، هڪ اهڙو ئي ڪردار جان محمد جانباز جو رهيو آهي۔ هن جي وفات کي اڄ 21 سال گذرڻ باوجود سندس ڪم سندس شخصيت جي گواهي ڏئي ٿو۔ هن جو تعلق ڪوهستان مالماڙي سان هو۔ هو هڪ استاد سان گڏوگڏ شاعر به هو ته هڪ بهترين سماجي ڪارڪن پڻ هو۔ اديب به هو ته عالم، فاضل به هو،