لطيف دنيا جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ اها چس ۽ رس ڀريل آهي، جنهن سان زبان کي ذائقو، دل کي سڪون ۽ دماغ کي سوچڻ لاءِ نئون مقصد ملي ٿو. شاھ صاحب وائيءَ جو اهو مها ساگر آهي، جنهن ۾ روح غوطا کائي، تازو، توانو ۽ نت نئون ٿي ويندو آھي. جڏھن سندس وايُون تنبوري جي تارُن مان نڪتل دلڪش ۽ پُرڪشش سُرن سان گڏ جهونگاربيون آهن ته اهي سُر دل جي پڌر تي اهڙو سڪون، راحت ۽ فرحت وارو بخملي بستر پَٿاري ڇڏينديون آهن، جيڪي روح کي سڪون پيون بخشينديون آهن. تنبوري جي تارَ دل جي تارَ سان جُڙِي، ٻڌندڙ کي هن ڪُوڙِي دنيا کان ڪَٽي حقيقي دنيا سان وڃي جوڙيندي آهي. سندس شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ موتين جي جَڙيل اها مالها آهي، جنهن جو مُلھه دنيا جو ڪوبه جوهرِي نٿو لڳائي سگهي. شاھ صاحب جي شاعريءَ ۾ خوبين ۽ خاصيتن جو اهو انبار آهي، جو لامحدود ۽ اَمُلھ آهي. سندس شاعريءَ ۾ سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت اعليٰ معيار جي آهي. هيٺ سندس شاعريءَ جون ڪجھه خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪجن ٿيون: