ماڻهو مري سگهي ٿو ڪردار ناهن مرندا، هڪ اهڙو ئي ڪردار جان محمد جانباز جو رهيو آهي۔ هن جي وفات کي اڄ 21 سال گذرڻ باوجود سندس ڪم سندس شخصيت جي گواهي ڏئي ٿو۔ هن جو تعلق ڪوهستان مالماڙي سان هو۔ هو هڪ استاد سان گڏوگڏ شاعر به هو ته هڪ بهترين سماجي ڪارڪن پڻ هو۔ اديب به هو ته عالم، فاضل به هو، پر مجموعي طور تي سندس سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان آهي۔ شاعر جان محمد جانباز جوکيو متعلق پهرين ئي سوشل ميڊيا تي ڪافي مواد لکيل آهي۔ ڪجھ سال پهرين سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تان جان محمد جانباز جوکيو کي ڀيٽا طور زبردست ٽرينڊ هلايو ويو جنهن ۾ جانباز جي سوين شاگردن، دوستن، هم عصرن ۽ نوجوانن شرڪت ڪري جانباز کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ ان کان علاوه مون، منهنجي والد پروفيسر حاڪم الدين ۽ تازو ئي اڀرندڙ مالماڙي جي بهترين تاريخدان جسارت الياس ملڪي ليول جي مختلف سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ شاعر جانباز متعلق ڪافي ڪجھ لکي چڪا آهيون۔ هتي جانباز جي ادبي ڪم ۽ سندس شخصيت جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو: