گھٽ پڙھيا ۽ گھٽ پگھار وارا ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر جيڪي ڪارن انجڻين وارين گاڏين وانگر مکڻ، لسي، ماکي ۽ مڇي تي جھر جھنگ بيھي رھن ٿا. پاڻ کان وڌيڪ قابل ماڻھن جو قدر نٿا ڪن. احساس برتري جو شڪار ٿي رڳو پاڻ کي قابل سمجھن ٿا. مالڪن جي چاپلوسي ڪري سڀ ٺيڪ آھي چئي انھن کي مطمئن ڪن ٿا. خبرون ميرٽ تي نه نوٽن تي ھلن ٿيون. نمائندا اشتھارن لاءِ فقيرن وانگر پنن ٿا، جيڪو اشتھار جي آسري تي رھندو اھو عوام سان ظلم ۽ زيادتي جي خبر ڪھڙي ڏيندو؟