خواندگي جو عالمي ڏهاڙو ۽ سنڌ ۾ تعليم جو معيار
تعليم ھر انسان جو بنيادي حق آھي. ھن حق بابت دنيا کي آگاھي ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي عالمي اداري طرفان ھر سال 8 سيپٽمبر تي “خواندگيءَ جو عالمي ڏھاڙو. ملھايو ويندو آهي. سال 1967 کان شروع ٿيندڙ ھن ڏھاڙي جو مقصد پاليسي سازن، لاڳاپيل عملدارن ۽ عوام کي ان ڳالھه جي اهميت ياد ڏيارڻ آهي ته وڌيڪ پڙهيل لکيل، منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار سماج جي قيام لاءِ خواندگي جي اھميت انتهائي اهم آهي. گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان چواڻي “خواندگي مصيبت ۽ اميد جي وچ ۾ ھڪ پُل آھي.” دنيا ۾ اھي قومون ترقي يافته سڏائين ٿيون جن وٽ تعليم پھرين ترجيح آھي. خواندگي سڀني انسانن لاءِ، جنسي مت ڀيد کان ھٽي ڪري، هڪ بنيادي انساني حق آهي. اها ٻين انساني حقن، وڌيڪ آزادين ۽ عالمي شهريت مان لطف اندوز ٿيڻ جا دروازا کولي ٿي. خواندگي ماڻهن لاءِ وسيع ڄاڻ، صلاحيتن، قدرن، روين ۽ طرزِ عمل کي حاصل ڪرڻ جو بنياد آهي، جنهن ذريعي برابري ۽ غير امتيازي سلوڪ، قانون جي حڪمراني، يڪجهتي، انصاف، گهڻ پاسائين ۽ رواداريءَ تي ٻڌل پائيدار امن جي روين کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي ۽ پنهنجي ذات، ٻين ماڻهن ۽ هن ڌرتيءَ سان هم آهنگ لاڳاپا قائم ڪري سگهجن ٿا. تعليم کي انسان جي ٽين اک سمجھيو ويندو آھي جيڪا انسان کي صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت بخشي ٿي. تعليم ئي سمورين آزمائشن ۽ مشڪلاتن کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪري سگهي.
پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25-اي تحت 5 کان 16 سالن جي عمر وارن ٻارن لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت ڏنل آهي. آئين ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ، تعليم جو معاملو صوبائي اختيارن واري دائري ۾ اچي چڪو آهي، پر افسوس ھن ڳالھه جو آھي ته ھن آئين تي پاڪستان خاص طور سنڌ ۾ ڪوبه عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي. سنڌ جي ھر شھر، ڳوٺ، وسندين ۽ واھڻن ۾ غريب گھرن جا معصوم ٻار اسڪول وڃن جي بجاءِ ڍاٻن، ورڪشاپن ۽ گھرن ۾ معمولي اجرت تي ڪم ڪندي نظر ايندا يا بس اسٽاپن ۽ بازارن ۾ ڪجھه نه ڪجهه وڪڻندا يا پنندا نظر ايندا. سنڌ ۾ سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ پڻ موجود آھي جنھن تحت سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، پر ھن اٿارٽيءَ جو به ھن سلسلي ۾ ڪوبه ڪردار نظر نه پيو اچي.
ايڪنامڪ سروي آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل 26-2025 جي رپورٽ مطابق، تعليمي حوالي سان پاڪستان جي ھيومن ڊولپمينٽ انڊيڪيٽر جي درجابنديءَ ۾ پاڪستان 168 نمبر تي بيٺل آھي. جڏھن ته انڊيا، نيپال، بنگلاديش، سري لنڪا ۽ ايران ھن کان ڪافي اڳتي آھن.گيلپ پاڪستان جي ھڪ سروي مطابق سال 2004 ۾ سنڌ جي ڇوڪرن ۾ خواندگي جي شرح 65.9 ۽ ڇوڪرين ۾ اھا 37.3 سيڪڙو ھئي. ٻه ڏھاڪا گذرڻ بعد 2025 ۾ اھا شرح ڇوڪرن ۾ 63 ۽ نياڻين ۾ 38.8 سيڪڙو رھي. جنھن جو مطلب اهو آهي ته ٻه ڏھاڪا گذرڻ بعد به تعليمي حوالي سان سنڌ ۾ ڪنھن به قسم جي تبديلي نه اچي سگھي آھي. دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ جديد دور ۾ اڄ به سرڪاري اسڪولن ۾ ڪئي ڏھاڪا پراڻو دقيانوسي نصاب پڙهايو پيو وڃي. سنڌ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ پرائيويٽ اسڪول پڻ کلي چڪا آھن جن جي اڪثريت صرف پئسو ڪمائڻ جي پٺيان لڳل آھي. اھي اسڪول ايتريون ته ڳريون فيون وٺن ٿا جيڪي ڏيڻ ھڪ وچولي طبقي جي ماڻھوءَ لاءِ تمام ڏکي ڳالھه آھي. ھنن پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڻ اڪثريت اھڙن اسڪولن جي آھي جن ۾ معياري تعليم جو ڪو خاص بندوبست ڪونه آھي.
خواندگي صرف ڪتاب پڙھڻ يا ڊگري حاصل ڪرڻ جو نالو نه آھي، پر ھن مان مراد اھڙي تعليم آھي جيڪا انسان ۾ شعور ۽ آگھي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ ڪارآمد بڻجڻ جو سبب بڻجي. افسوسناڪ صورتحال اھا آھي ته سنڌ ۾ خاص طور سنڌ جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ اھڙي تعليم جو ڪوبه تصور موجود نه آھي. اسڪول ته موجود آھن، پر اھي يا ته زبون حاليءَ جو شڪار آھن يا اھي معياري تعليم کان وانجھيل آهن. ڪٿي استادن جي شديد کوٽ آهي ته ڪٿي ڪاغذن ۾ استاد مقرر ٿيل آھن، پر عملي طور آھي اسڪولن مان غيرحاضر رھن ٿا. ڇوڪرين جي تعليم سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ نياڻين لاءِ صرف ھڪ خواب آھي. سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ٻيو وڏو سبب ڪاپي ڪلچر ۽ ڪرپشن آھي جنھن جي پٺيان سنڌ جي بااثر ماڻھن جو وڏو ھٿ آھي. اھو ڪلچر ايترو ته عام جام ٿي ويو آھي جو ٻين صوبن جا شاگرد پڻ ھن گنگا مان ھٿ ڌوئڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪن ٿا.
سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڄڪلھه ھڪ ٻيو مسئلو ڪر کڻي رھيو آھي جيڪو آھي ٻارن خاص طور نياڻين سان جنسي ھراسگي جو مسئلو. اڪثر اھڙيون خبرون اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي زينت بڻجنديون رھنديون آھن. ھن مسئلي پڻ نياڻين کي تعليم کان پري رکيو آھي. ڇاڪاڻ جو اھڙي ماحول ۾ اھي پاڻ کي محفوظ نٿيون سمجھن. جيڪڏھن تعليم سان اھڙي ھٿ چراند جاري رکي وئي ته سنڌ واسي ڪڏھن به جديد دنيا سان ڪلھو ڪلهي سان ملائي ھلي نه سگھندا. سنڌ حڪومت ھن معاملي تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون، جن ۾ مناسب عمارتون، فرنيچر، ڪمپيوٽر، صاف پاڻي، صاف ٽوائليٽ، جديد نصاب تي ٻڌل درسي ڪتاب وغيره شامل آھن، مھيا ڪري. گڏوگڏ استادن جي ڀرتي سفارش نه، پر قابليت جي بنياد تي ڪري ۽ وقت بوقت استادن لاءِ جديد تعليمي طريقن متعلق سکيا جا پروگرام ترتيب ڏئي. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پڻ ھن سلسلي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ۽ عوام کي تعليم جي اھميت ۽ افاديت سان روشناس ڪرائين.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟