مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سامونڊي ملاحن جو عالمي ڏينهن: ڀٽائي ۽ سامونڊي ملاحَ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سامونڊي ملاحن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انساني زندگيءَ جي انهن اڻٿڪ ۽ املھه ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي، جيڪي سمنڊ جي ڏکين سفرن ۾ پنهنجي محنت، همت ۽ حوصلي سان دنيا جي وڻج واپار، ترقي ۽ رابطن کي برقرار رکندا آهن. ملاح صرف ٻيڙين جا هلائيندڙ نه، پر اهي قومن جي معاشي مضبوطي، ملڪي مفادن ۽ انساني خدمتن جا محافظ به هوندا آهن. سندن صبر، ثابت قدمي، سجاڳي ۽ قرباني انساني سماج لاءِ هڪ روشن مثال آهي. سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي رسالي ۾ ملاح، سامونڊين ۽ وڻجارن کي فقط ظاهري ڪردارن طور پيش نه ڪيو آهي، پر انهن کي روحاني، اخلاقي ۽ انساني قدرن جي علامت بڻايو آهي. ڀٽائيءَ وٽ سمنڊ صرف پاڻيءَ جو وسيع ميدان نه، پر اهو زندگيءَ جي مشڪلاتن، مصيبتن ۽ امتحانن جو استعارو آهي. اهڙيءَ طرح ملاح صرف ٻيڙي هلائيندڙ نه، پر جدوجهد ڪندڙ، جاکوڙيندڙ ۽ منزل ماڻيندڙ انسان جي علامت آهي. ملاح جي زندگي مسلسل محنت، مستقل مزاجي ۽ مضبوط ارادن سان ڀرپور هوندي آهي. هو تيز طوفانن، تکين هوائن، خطرناڪ ڇولين ۽ اوچتن حادثن کي منهن ڏيندو رهي ٿو، پر پنهنجي فرض کان هرگز پوئتي نٿو هٽي. سندس سجاڳي، سنجيدگي ۽ سمجھه ئي سندس سفر جي سلامتي جو سبب بڻجي ٿي. ملاح جي محنت ۾ مستقل مزاجي، مقصد سان محبت ۽ مشڪل حالتن سان مقابلي جو جذبو نمايان نظر اچي ٿو. شاھ لطيف ملاح جي انهن صفتن کي وڏي خوبصورتي سان پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي. سر سامونڊي ۾ سامونڊين جي زندگي، سندن وڇوڙا، سندن انتظار ۽ سندن سفرن کي وڏي درد ۽ دانائي سان بيان ڪيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي نظر ۾ ملاح اهڙو مسافر آهي، جيڪو منزل ماڻڻ لاءِ مصيبتن جا مرحلا مڙسيءَ سان طئي ڪري ٿو. هو نااميديءَ جي اونداهين ۾ به اميد جو ڏيئو روشن رکي ٿو. ملاح جي ملڪي خدمت جو دائرو تمام وسيع آهي. دنيا جي واپار جو وڏو حصو سامونڊي رستن وسيلي هلندو آهي. کاڌ خوراڪ، دوائون، مشينون، تيل ۽ ٻين ضرورتن جون شيون هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين ملاحن جي وسيلي پهچنديون آهن. جيڪڏهن ملاح پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نه نڀائين ته دنيا جي واپار جو نظام متاثر ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري ملاح قومن جي معاشي مضبوطيءَ جا خاموش محافظ آهن. ملاح جي شخصيت ۾ محنت، محبت، مقصد ۽ منزل سان وابستگي جا عنصر نمايان هوندا آهن. سندن زندگيءَ ۾ آرام کان وڌيڪ ذميواري، آسائش کان وڌيڪ آزمائش ۽ سهولت کان وڌيڪ سختي هوندي آهي. اهي پنهنجي گهر، خاندان ۽ پيارن کان پري رهي، ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو فرض ادا ڪن ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي ملاح جي ڪردار کي روحاني معنيٰ به ڏئي ٿو. سندس نظر ۾ انسان به دنيا جي سمنڊ ۾ هڪ ملاح آهي. دنيا جو سفر طوفانن، تڪليفن ۽ تجربن سان ڀريل آهي. جيڪو انسان صبر، سچائي ۽ ثابت قدمي اختيار ڪري ٿو، اهو پنهنجي منزل تي پهچي وڃي ٿو. ڀٽائيءَ وٽ ملاح جدوجهد، جاکوڙ ۽ جستجو جو استعارو آهي.
ڀيٽا: سامونڊي ملاحن جي عالمي ڏينهن تي اسان کي انهن بهادر ماڻهن جي محنتن کي مڃتا ڏيڻ گهرجي، جيڪي خاموشيءَ سان پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندا رهن ٿا. ڀٽائيءَ جي فلسفي مطابق زندگيءَ جي سمنڊ ۾ به انسان کي ملاح وانگر ثابت قدم، صابر ۽ سجاڳ رهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته منزل انهن کي ملي ٿي، جيڪي مشڪلاتن کان نه ڊڄن، پر مسلسل محنت ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌندا رهن. جڏهن ته ڀٽائي پنهنجي فڪر سان انسانن جي دلين کي روشن ڪري ٿو. اهي ٻئي انسانيت جي خدمت جا روشن مثال آهن، جن مان اسان کي صبر، سچائي ۽ ثابت قدميءَ جو سبق ملي ٿو. پاڪستاني قوم لاءِ ملاحن جي زندگيءَ مان پهريون سبق محنت، مشقت ۽ مسلسل جدوجهد جو ملي ٿو. ملاح سمنڊ جي سختين، سگهارن طوفانن ۽ سنگين حالتن باوجود پنهنجي سفر کي روڪي نٿو ڇڏي. اهڙيءَ طرح قومن جي ڪاميابي به محنت، مستقل مزاجي ۽ مقصد سان وابستگيءَ سان جڙيل هوندي آهي. جيڪڏهن پاڪستاني قوم سستي، لاپرواهي ۽ نااميديءَ بدران محنت، همت ۽ حوصلي کي اختيار ڪري ته ملڪ خوشحاليءَ جي خوبصورت منزل ماڻي سگهي ٿو. ڇو ته سندس ٿوري غفلت به وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح پاڪستاني قوم کي به سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملن ۾ سجاڳ، سنجيده ۽ سمجھدار ٿيڻ جي ضرورت آهي. قومن جي تعمير صرف وسيلن سان نه، پر شعور، سمجھه ۽ سٺي سوچ سان ٿيندي آهي. ملاح جو سفر صرف هڪ فرد جي ڪوشش سان مڪمل نٿو ٿئي، پر سڄي عملي جي گڏيل جدوجهد سان منزل حاصل ٿيندي آهي. پاڪستاني قوم کي به لساني، علاقائي ۽ ذاتي اختلافن کان مٿي اٿي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. قومي اتحاد، قومي اعتماد ۽ قومي يڪجهتي ملڪ جي مضبوط مستقبل جا بنيادي عنصر آهن. چوٿون سبق محبت، مقصد ۽ ملڪ سان وابستگي جو ملي ٿو. ملاح پنهنجي گهر، خاندان ۽ خواهشن کان پري رهي پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندو آهي. پاڪستاني قوم کي به ذاتي فائدن بدران قومي فڪر، قومي فرض ۽ قومي فداڪاريءَ کي اهميت ڏيڻ گهرجي. ملڪ سان محبت، محنت سان وابستگي ۽ مقصد سان سچائي قومن کي مضبوط بڻائيندي آهي.
ڀٽائي جي فڪر موجب انسان زندگيءَ جي سمنڊ جو ملاح آهي. زندگيءَ جا طوفان، تڪليفون ۽ تجربا انسان جي آزمائش هوندا آهن. جيڪو فرد ۽ قوم صبر، سچائي ۽ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ساٿي بڻائي ٿي، اها ترقيءَ جي منزل تائين ضرور پهچي ٿي. مختصر طور پاڪستاني قوم لاءِ ملاح جي زندگيءَ ۾ محنت، محبت، مقصد، مستقل مزاجي، صبر، سجاڳي، همت، حوصلو ۽ هم آهنگيءَ جو اهڙو روشن پيغام موجود آهي، جيڪو ملڪ کي امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جي راھ تي وٺي وڃي سگهي ٿو. ڀٽائي جي فلسفي موجب ڪاميابي انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي مشڪلاتن کان نه ڊڄندا آهن، پر مسلسل جدوجهد ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهندا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو