مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صفائيءَ جو عالمي ڏهاڙو ۽ کاڌي جو ذيان

Wasiuddin Junejo ڪالم نگار

ايم.ايس.سي ( ڪيمسٽري)، رٽائرڊ ڊپٽي مينيجر (FFC)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سيپٽمبر جي 20 تاريخ تي دنيا ۾ صفائيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. 8 ڊسمبر 2023 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پنهنجي 78هين اجلاس ۾ متفقه طور تي قرارداد 78/122 “ورلڊ ڪلين اپ ڊي” (عالمي صفائيءَ جو ڏينهن) منظور ڪئي، جنهن تحت 20 سيپٽمبر کي هر سال “عالمي صفائي جي ڏينهن” طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ھن سال تي ملھائجندڙ ڏينھن جو موضوع “صاف پليٽن کان صاف شھرن تائين” رکيو ويو آھي. شھرن ۾ وڌندڙ گندگيءَ جو ڪارڻ جتي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ھڪ دفعو استعمال ٿيندڙ ٿانو آھي، اتي گھرن، ھوٽلن، ڪلبن ۽ شادي ھالن مان ضايع ٿيل خوراڪ جو وڏو حصو پڻ ڪچري جي ڍيرن ۾ شامل آھي.
موضوع مطابق ھن سال عوام تائين اھا آگاھي پھچائي ويندي ته کاڌي جو ذيان جتي ھن دنيا ۾ بک ۽ بدحاليءَ کي جنم ڏئي رھيو آھي اتي اھو عمل شھرن کي گندگيءَ جي ور چاڙھي، ماحولياتي گدلاڻ ۾ تمام گھڻو اضافو ڪري رھيو آھي. اھو اھڙو ذيان آھي جنھن کي روڪڻ انسان لاءِ ناممڪن نه آهي. گڏيل قومن جي ويب سائيٽ مطابق دنيا ۾ روزانو ھڪ ارب کان وڌيڪ خوراڪن (کاڌي جون پليٽون) جيترو کاڌو ڪچري جو ڍير بڻجي ٿو. جڏھن ته ڌرتيءَ تي رھندڙ لکين انسان خوراڪ جي گھٽتائي ۽ بک جو شڪار بڻجن ٿا. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي “فوڊ ويسٽ انڊيڪس رپورٽ 2024” موجب 2022ع ۾ گهريلو ۽ ڪاروباري سطحن تي تقريبن 1.05 ارب ميٽرڪ ٽن خوراڪ ضايع ٿي. اهو مقدار صارفين لاءِ دستياب خوراڪ جو لڳ ڀڳ 19 سيڪڙو هو. خوراڪ جي ضايع ٿيڻ جا اهم ماحولياتي ۽ معاشي اثر پڻ مرتب ٿين ٿا. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب خوراڪ جي ضايع ٿيڻ سبب عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ 10 سيڪڙو تائين اضافو ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪري عالمي معيشت کي هر سال تقريبن 1 ٽريلين آمريڪي ڊالرن جو نقصان پهچي ٿو.
پاڪستان، جيڪو مختلف ثقافتن، روايتن ۽ کاڌن جي نعمتن سان مالامال ملڪ آهي، پنهنجي ئي بورچي خانن مان ھڪ خاموش ۽ خطرناڪ دشمن يعني کاڌي جي ذيان کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان جتي معاشي غير يقيني صورتحال کان وٺي سياسي اٿل پٿل تائين ڪيترن ئي چئلينجن کي منھن ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، اتي هر روز ضايع ٿيندڙ کاڌي جو وڏو مقدار هڪ اهڙو خاموش، پر اهم بحران بڻيل آهي، جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. شادي ھالن کان وٺي گھرن جا بورچي خانا ۽ ريسٽورينٽس سڀ کاڌي جي ذيان ۾ شامل آھن ۽ ھن جو وڏو سبب عوام جا رويا آهن جن ۾شادين، طھرن ۽ ٻين دعوتن ۾ھڪ طرف کاڌن جا انيڪ قسم ميزبانن جي شان ۽ مان ۾ اضافي جو سبب سمجھيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف مھمانن جو “کاڌي کٽي پوڻ” جي خوف ۽ ٻيھر ٽيبل تائين وڃڻ جي تڪليف جي ڪارڻ ضرورت کان وڌيڪ کاڌو پنھنجين پليٽن ۾ ڀري ڇڏين ٿا، جيڪو نه کائي سگھڻ جي صورت ۾ ڪچرن جي ڍيرن تي اڇلايو وڃي ٿو. اھو ساڳيو حال فوتگين جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٽيجھن، چاليھن ۽ خيراتن جي نالي ۾ ٿيندو پيو اچي.
کاڌي جي ذيان جو ذميوار صرف شاھوڪار طبقو نه آھي، پر وچولو ۽ غريب طبقو به ڪافي حد تائين ان ۾ شامل آھي. “برادريءَ ۾ نڪ وڍجڻ جو خوف پڻ اسان جي معاشري جي ھنن طبقن کي کاڌي جي ذيان ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻائي ٿو. کاڌي جو ذيان دنيا ۾ معاشي طور پڻ نقصانڪار ٿئي ٿو. اھو عمل طلب ۽ رسد وچ ۾ توازن برقرار رکڻ ۾ ناڪاميءَ جو سبب بڻجي ٿو. جڏھن رسد جي مقابلي ۾ طلب وڌي ويندي آھي ته مھانگائي پڻ وڌي ويندي آھي. ھن جو مثال برصغير ۾ رمضان جي بابرڪت مھيني ۽ عيدن دوران اڪثر نظر ايندو آھي، جنھن دوران اڪثر گھرن ۾ ھڪ کان وڌيڪ طعام تيار ڪيا ويندا آھن. اھو سمجھڻ تمام وڏي غلط فھمي آھي ته خوراڪ جو فضلو زمين جي هيٺان ٺهيل ڪچري جي ڍيرن (لينڊ فلز) ۾ جمع ٿيڻ سبب بي ضرر رهي ٿو. ان جي ابتڙ، خوراڪ جو اھو اڇلايل فضلو موسمياتي تبديليءَ جو وڏو سبب پڻ بڻجي ٿو. جڏهن اهو فضلو انهن هنڌن تي ڳرڻ سڙڻ شروع ٿئي ٿو ته اهو عمل آڪسيجن جي غير موجودگيءَ ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ “ميٿين” گيس پيدا ٿئي ٿي. ميٿين هڪ “گرين هائوس گيس” آهي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڀيٽ ۾ 25 ڀيرا وڌيڪ طاقتور هوندي آهي. ھن عمل سان گڏ ماحول ۾ مڇرن ۽ مکين جي افزائش پڻ ٿيندي آھي جنھن سان مليريا ۽ ڪالرا جھڙيون موذي بيماريون جنم وٺنديون آهن.
ماحول کي صاف رکڻ لاءِ ٻين عملن سان گڏ کاڌي جو ذيان روڪڻو پوندو. حڪومت کي ھن سلسلي ۾ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. ڪجھه سال اڳ حڪومت طرفان شادين ۽ ٻين فنڪشنن تي مھمانن کي ھڪ طعام پيش ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو ھو، جيڪو ھڪ سٺو قدم ھو، پر ڪجھه وقت ان تي عمل ٿيڻ بعد وري ھڪ کان وڌيڪ طعام ٺاھڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو جيڪو کاڌي جي ذيان سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي رھيو آھي. حڪومت سان گڏ عوام تي به اھا ذميواري عائد ٿئي ٿي ته پنھنجي، پنھنجي گھر ۽ پنھنجي شھر جي صفائيءَ تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏين ۽ کاڌي جي ذيان کي روڪين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو