مهانگائيءَ جي باهه ۾ سڙندڙ پورهيت ۽ بک سان وڙهندڙ عوام
اٽو انسان جي زندگيءَ جي بنيادي ضرورت آهي. غريب هجي يا امير، هر گهر جي چُلهه تي ماني پچڻ زندگيءَ جي اهم ضرورت آهي، پر افسوس جو اڄ اسان جي معاشري ۾ اٽو به غريب جي پهچ کان پري ٿيندو پيو وڃي. اٽي جا وڌندڙ اگهه پورهيت طبقي جي چيلهه چٻي ڪري رهيا آهن. غريب ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي، جڏهن ته مهانگائيءَ جي طوفان سندس زندگيءَ مان سک ۽ سڪون کسي ورتو آهي. هڪ طرف روزگار جا وسيلا محدود آهن، ٻئي طرف بجلي، گئس، پيٽرول، دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ روزانو مزدوري ڪندڙ پورهيت آخر پنهنجو گهر ڪيئن هلائي؟ سندس ڏهاڙي ايتري ناهي جو گهر جو ڪرايو، ٻارن جي تعليم، علاج ۽ کاڌي پيتي جا خرچ پورا ڪري سگهي. صبح جو سوير مزدور روزگار جي ڳولها ۾ نڪري ٿو. سڄو ڏينهن پگهر وهائي جڏهن شام جو گهر موٽي ٿو ته سندس ٻار اميد ڀرين اکين سان مانيءَ جو انتظار ڪندا آهن. پيءُ جي دل ۾ هزارين خواهشون هونديون آهن، پر خالي کيسو کيس لاچار بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪڏهن ٻچن کي اڌ پيٽ کارائي سمهاري ٿو ته ڪڏهن پاڻ بک برداشت ڪري سندن پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇا اها ئي عوامي خوشحالي آهي، جنهن جا خواب ڏيکاريا وڃن ٿا؟
اٽي جي اگهن ۾ واڌ رڳو هڪ معاشي مسئلو ناهي، پر اهو غريب جي گهر، سندس ٻارن جي مستقبل ۽ سماجي زندگيءَ سان جڙيل هڪ وڏو انساني مسئلو آهي. جڏهن گهر ۾ اٽو نه هوندو آهي ته ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها، پيءُ جي چهري تي مايوسي ۽ ٻارن جي معصوم چهرن تي بک جا آثار نظر ايندا آهن. حڪومتن جي ذميواري آهي ته عوام کي بنيادي ضرورتون مناسب اگهن تي فراهم ڪن. خاص طور تي اٽي جهڙي اهم خوراڪ جي شين تي سخت نظر رکي وڃي. ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ مصنوعي مهانگائيءَ خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن. غريب ماڻهن لاءِ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا وڃن، پر انهن اسٽالن تي به شفافيت ۽ سهولت کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن حقيقي حقدار ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن. اسان جي حڪمرانن کي ايئرڪنڊيشنڊ آفيسن ۽ وڏين گاڏين مان نڪري غريب جي گهرن جو حال به ڏسڻ گهرجي. کين خبر پوندي ته مهانگائيءَ جي ماريل عوام لاءِ زندگي گذارڻ ڪيترو ڏکيو ٿي ويو آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته بکئي پيٽ سان نه تعليم جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو، نه صحت برقرار رهي سگهي ٿي ۽ نه ئي معاشري ۾ خوشحالي اچي سگهي ٿي. عوام کي رڳو تقريرن ۽ اعلانن جي نه، پر عملي رليف جي ضرورت آهي. ڇو ته جنهن ملڪ ۾ غريب ماڻهو اٽي جي ڳوڻ خريد ڪرڻ لاءِ پريشان هجي، اتي ترقيءَ جون دعوائون اڌوريون محسوس ٿينديون آهن. جڏهن غريب جي گهر ۾ اٽو ئي نه هوندو ته سندس ٻار ماني ڪيئن کائيندا؟ اٽو سستو ڪريو، غريب جي گهر جو چُلهه ٻاريو، ڇو ته بک ڪنهن به نعري سان ختم نٿي ٿي سگهي!
هي مضمون ڪيئن رهيو؟